| منهنجي ڊرامي جو معاوضو الٽو ڪار کان مٿي آهي: مهڪ ملڪ |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) ٽرانس جينڊر ڊانسر مهڪ ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته سندس هڪ ڊرامي جو معاوضو الٽو ڪار جي قيمت کان به وڌيڪ آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته يوٽيوبرز چوندا آهن ته اهي هر مهيني پنهنجن وڊيوز مان ايترو ڪمائيندا آهن جو اهي هڪ، ٻه يا ٽي الٽو ڪارون خريد ڪري سگهن ٿا، آئون به هڪ ڊرامي جو هڪ ۽ ڏيڍ الٽو جيترو معاوضو گهرندو آهيان،انٽرويو دوران ميزبان مهڪ ملڪ کان اداڪاره نرگس جي معاوضي بابت پڇيو؟ جنهن تي مهڪ ملڪ چيو ته آئون ڪڏهن به نرگس سان مليون ناهيان، انهي ڪري سندس باري ۾ ڪجهه به ٻڌائي نٿو سگهان پر منهنجو معاوضو 20 لک کان وڌيڪ آهي.