لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيليويزن جي سينيئر اداڪاره صبا فيصل دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي ڪري ڊراما هٽ ٿين ٿا، هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ش ڊرامن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته آئون جنهن ڊرامي ۾ ڪم ڪري رهي آهيان، اهو پڻ سپر هٽ آهي،
آئون دعويٰ ڪري سگهان ٿي ته جيڪو نئون ڊرامو ٺاهيو ويندو، اهو هٽ هوندو. هن چيو ته مون رمضان ۾ 2 ڊراما ڪيا، جيڪي عوام کي پسند آيا. هن پنهنجي ڊرامي ‘آس پاس’ جي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته جڏهن مون کي هي ڊرامو پيش ڪيو ويو ته مون چيو ته انهي ڊرامي ۾ منهنجي لاءِ ڪجهه به ناهي، پر آئون چوندي هيس ته هي ڊرامو هٽ ٿيندو