لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) مسلم ليگ م جي قائد نواز شريف چيو آهي ته منهنجي ڪيسن مٿان مانيٽر ٿي ويٺل جج استعيفيٰ ڏئي هليو ويو، خبر هئي چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي
لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته آئون سرخرو ۽ بي ڏوهي ثابت ٿيس، سزا ڏيڻ وارا هليا ويا، اهو جج به هليو ويو جنهن کي 8 مهينن بعد چيف جسٽس ٿيڻو هو
سندس چوڻ هو ته اهو جج ڇو هليو ويو؟ ان جو مطلب دال ۾ ڪجهه ته ڪارو هو، چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک هو تڏهن ته جج هليو ويو، روانو ٿيل جج منهنجي ڪيسن جي مٿان مانيٽرنگ جج بڻجي ويٺل هو، سزا ڏيندڙ جج هڪ هڪ ڪري روانا ٿي ويا آهن
ن ليگ قائد چيو ته نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي جو نالو نشان به نه هو، نواز شريف هو ته گهرن ۾ سڪون هو، اسان کي اهو زمانو وري واپس آڻڻو آهي، نوجوانن کي روزگار ڏيڻو آهي ۽ هنن جو مستقبل سنوارڻو آهي