منھڙو (ن پ ا) مورو ويجهو اسڪول جي عمارت زبون حال هجڻ سبب شاگردن جون حياتيون داءَ تي لڳل آهن، ڳوٺاڻن طرفان احتجاج ڪيو ويو
يوسي لنڊڪي جي ڳوٺ سومروخان چانڊيو جي پرائمري اسڪول زبون حالي جو شڪار ڇت جا چاپڙ هر روز ڪرڻ لڳا آهن جنهن جي ڪري استاد توڙي شاگرد خوف ۾ ورتل آهن
ڳوٺاڻن استاد وسيم لنڊ محمد موسا چانڊيو قلندربخش چانڊيو عبدالھادي چانڊيو عبدالواحدچانڊيو عبدالرسول چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جي اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي آهي ڇت جا چاپڙ هر روز ڪرڻ لڳا آهن جنهن جي ڪري اسان جا معصوم ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي
ڳوٺاڻن تعليم واري وزير ۽ ٻين وس وارن کان اسڪول جي عمارت ٺهرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي