مني لانڊرنگ ڪيس: شهري جو بينڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ تي رپورٽ طلب

مني لانڊرنگ ڪيس: شهري جو بينڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ تي رپورٽ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هڪ شهري جو بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جسٽس محمد اعظم خان شهري محمد عثمان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي طلبي باوجود نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل عدالت ۾ پيش نه ٿيو ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار پرڏيهه موڪلڻ لاءِ 60 لک رپيا ورتا هئا، سندس بئنڪ اڪائونٽ ۾ برطانيا جي ورڪ ويزا لاءِ 60 لک رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي. سرڪاري وڪيل موجب هي انساني اسمگلنگ جو معاملو آهي، جيڪو ايف آءِ اي جي دائري اختيار ۾ اچي ٿو. سرڪاري وڪيل وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي جي سفارش تي بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا، جاچ کانپوءِ اڪائونٽس بند ڪري مني لانڊرنگ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هن معاملي ۾ مني لانڊرنگ جو ڪيس ئي نٿو ٺهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پهرين ايف آءِ اي جو جواب اچڻ ڏيو، پوءِ معاملي جو جائزو ورتو ويندو. ٻڌڻي کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.