مني لانڊرنگ ڪيس: نيب شهباز شريف ، حمزا شهباز ۽ ٻين کي بي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو
مَي 10, 2023
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ)نيب مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سندس پٽ حمزه شهباز ۽ ٻين کي بي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو، تفصيل موجب احتساب عدالت لاهور جي جج قمر زمان مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي هلائي، وزيراعظم شهباز شريف جي نمائندي انوار حسين عدالت ۾ پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي، نيب پاران مني لانڊرنگ ريفرنس جي ضمني رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ، رپورٽ ۾ وزيراعظم، سندس پٽ حمزا شهباز ۽ ٻين کي بي گناهه قرار ڏنو ويو آهي، احتساب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.