مني لانڊرنگ ۽ اڍائي ارب منتقلي ڪيس: ڊاڪٽر فضيلا عباسي جي درخواست رد

مني لانڊرنگ ۽ اڍائي ارب منتقلي ڪيس: ڊاڪٽر فضيلا عباسي جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ + م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي مشهور شخصيت ڊاڪٽر فضيلا عباسي خلاف مني لانڊرنگ ۽ 2.5 ارب جي منتقلي جو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسلام آباد جي اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ٽڪ ٽاڪر فضيلا عباسي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست به رد ڪرڻ بعد ايف آءِ اي سندس گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فضيلا عباسي جي ٽن درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو، عدالت ايف آءِ اي کي قانون موجب جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏنو، فارن ايڪسچينج ريگيوليشن ايڪٽ تحت جاچ جاري رهندي، اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت الزامن ۾ ڪيس ۽ انڪوائري کي غيرقانوني ڏنو ويو.واضح رهي ته ايف آءِ اي ۾ داخل ڪيس ۾ ڊاڪٽر فضيلا عباسي تي غيرقانوني طور رقم آمريڪا ۽ دبئي منتقل ڪرڻ جو الزام آهي، ايف آءِ اي موجب 22 بينڪ اڪائونٽس ۾ اڍائي ارب رپين جي منتقلي جو انڪشاف ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، اهو به ڏٺو پيو وڃي ته انهي ۾ ٻيو ڪير ملوث آهي. ڊاڪٽر فضيلا عباسي ايف بي آر ۾ ڊڪليئر سالياني آمدني چار کان 60 لک رپين تائين ٻڌائي آهي. فضيلا عباسي اداڪار حمزه عباسي جي ڀيڻ آهي، هوءَ ڊرماٽالوجسٽ آهي، اسلام آباد، دبئي، لنڊن ۾ ڪلينڪون آهن، هوءَ اڪثر پاڪستاني ٽي وي چينلز جي شوز ۾ شرڪت به ڪندي آهي. نجي ٽي وي چينل سماءَ نيوز موجب جاچ ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن، فضيلا عباسي جي والده ۽ اداڪار ڀاءُ به ملوث آهن، فضيلا والده ۽ ڀاءُ جي جوائنٽ اڪائونٽ ذريعي ٽرانزيڪشنز ڪيون.