مني لانڊرنگ ۽ هنڊي مافيا جو گهيرو تنگ: اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف آءِ اي گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو

 مني لانڊرنگ ۽ هنڊي مافيا جو گهيرو تنگ: اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف آءِ اي گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير داخلا محسن نقوي ۽ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي گڏيل صدارت هيٺ اهم اجلاس منقعد ٿيو، مني لانڊرنگ ۽ هنڊي مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، غير قانوني ذريعن سان پيسا پرڏيهه موڪلڻ وارن وڏن ڪاروباري ماڻهن ۽ ادارن جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي. رقم صرف بينڪنگ ۽ ٻين قانوني چينلن ذريعي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي سگهجن ٿيون. مني ايڪسچينجرز جي ذريعي منتقلي واري نظام کي به منظم ۽ شفاف بڻايو ويندو. مالي منتقلي واري نظام کي فول پروف بڻايو ويندو ۽ غير قانوني چينلن ذريعي رقم موڪليندڙن ۽ وڏن مني لانڊرز خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف آءِ اي جو گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو لاڳاپيل معاملن تي باقاعده جائزو وٺندو. اجلاس ۾ ڊي جي ايف آئي اي، گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ وفاقي ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.