| منڊيلا کي ملندڙ ايوارڊ ايمان مزاري ۽ هادي چٺا کي ڏيڻ جو اعلان |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيـلسن منڊيلا کي ماضي ۾ ملندڙ ايوارڊ هن سال ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي ڏيڻ جو اعلان. بين الاقوامي تنظيم پاران ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا لاءِ “لودووڪ ٽراريو بين الاقوامي انساني حقن جو ايوارڊ” جو اعلان ڪيو ويو آهي۔ اسلام آباد بار ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي ايوارڊ لاءِ نامزدگي بار لاءِ فخر جو ڪارڻ قرار ڏيندي ٻنهي وڪيلن کي ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي۔ اسلام آباد بار جي صدر نعيم علي گجر ۽ جنرل سيڪريٽري خاور ڌنيال طرفان مبارڪبادي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته جيل ۾ قيد وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي وڪالت جي باوقار ڪم تي ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏيون ٿا. هي ايوارڊ دنيا جو سڀ کان پراڻو ۽ معتبر انساني حقن جو اعزاز آهي۔ هي ايوارڊ فرانسيسي وڪيل لودووڪ ٽراريو جي نالي سان قائم ڪيو ويو آهي، فرانسيسي وڪيل 1898 ۾ “ليگ فار دي ڊفينس آف هيومن اينڊ سٽيزن رائيٽس” جو بنياد رکيو هو، سڀ کان پهريون ڀيرو هي ايوارڊ 1985ع ۾ نيلسن منڊيلا کي ڏنو ويو هو، جڏهن هو ڏکڻ آفريڪا ۾ قيد هو. اسلام آباد بار ايسوسئيشن چيو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا پهريان پاڪستاني وڪيل آهن جن کي هي ايوارڊ ڏنو ويو آهي. معزز ميمبرن جو هن ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيڻ بار لاءِ انتهائي فخر جو مقام آهي۔