منگهو پير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ مائو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

نومبر 1, 2023

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) منگهو پير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ مائو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

منگهوپير پوليس ڪارروائيون ڪيون، وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ مائو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته 2 مختلف ڪاررواين دوران وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ مائو هٿ ڪري ٻن  جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

پوليس موجب مائي گاڏي چوڪيءَ ڀرسان خالي پلاٽ تان لکين روپين جو اسمگل ٿيل سفينا گٽڪي جا 2500 پيڪيٽ هٿ ڪيا ويا

ان سلسلي ۾ پوليس وڌيڪ چيو ته موٽرسائيڪل سوارن محمد ايوب ۽ ضياءَ الرحمان کي گٽڪي ۽ ماوي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي

Leave A Comment