| منگهڻ جو خوف: عورت پنهجو گهر باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو |
سيئول (انٽريسٽنگ نيوز) منگهڻ جي خوف سبب عورت پنهجو گهر باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڀرواري اپارٽمينٽ مان عورت دري ۾ ڪري فوت ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڏکڻ ڪوريا جي شهر آسان ۾ منگهڻ اوچتو گهر ۾ گهڙي اچڻ سان خوف پيدا ٿي ويو. گهر ۾ موجود عورت منگهڻ کي مارڻ لاءِ لائٽر ۽ باهه لڳائڻ وارو آلو استعمال ڪيو ، باهه لڳڻ سبب گهر جي ٻئي سامان کي به وڪوڙي ورتو ۽ پوري اپارٽمينٽ ۾ ڦهلجي وئي، واقعي سبب ڀرواري گهر ۾ عورت دري مان ٽپو ڏئي ڇڏيو جنهن سبب هو زمين تي ڪري فوت ٿي وئي. ٻئي طرف پوليس عورت کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي، آسان پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي لاپرواهي ڪرڻ تي گرفتار ڪرڻ لاءِ وارنٽ ورتا ويندا. هوڏانهن ڄاڻايل عورت جو چوڻ آهي ته هو ان کان اڳ به جيتن کي مارڻ لاءِ لائٽر ۽ باهه لڳائڻ وارو آلو استعمال ڪندي رهي آهي. بدقسمتي سان هن ڀيري منصوبو ناڪام ٿي ويو.