منگھ يا بازيگر: گھرن کي روشن ۽ ٿڌو رکڻ جو پراڻو تعميراتي طريقو … اشفاق سومرو

                 گذريل مضمون ۾ مون سنڌ ۾ گھرن جا نمونا، انھن جي تعمير ، سھولتن ۽ آفتن دوران ڪمزورين متعلق توھان سان پنھنجي تجربي ۽ رپورٽن آڌار ڪجھ معلومات ونڊ ڪئي ھئي. ھاڻي ان ئي موضوع سان لاڳاپيل ھڪڙو ٻيو اھم پھلو آھي انھن گھرن جو ارامدہ ھئڻ.  گھر ڪيترو آرامدہ آھي ۽ ڪيترو سڪون بخشيندڙ آھي، اھو اھم اھي. ڇاڪاڻ ته گھر صرف ڀتين ۽ ڇت جو نالو ناھي پر سڪون ڏيندڙ، تحفظ ڏيندڙ جاء جو نالو آهي. ان سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻي دور ۾ گھر به ان حساب سان ئي جوڙيا ويندا ھئا ته جيئن اھي گرمين سردين ۾ ماڻھن کي سڪون ڏئي سگھن. سو ان سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي آھي ته گھر گرمين جي سٽ سھندڙ ھجن، روشن ھجن ۽ مظبوط ھجن. مشهور ڪينيڊين ليکڪا Catherine Pulsifer لکي ٿي ته گهر اها جاءِ آهي، جتي ماڻهوءَ کي مڪمل تحفظ ۽ امن جو احساس ٿئي ٿو۔ ان جو مطلب آهي ته گهر هر لحاظ کان آرامده هجڻ گهرجن۔ پاڻ جنھن خطي ۾ رھون ٿا، سو اونھاري ۾ تمام گھڻو گرم رھي ٿو. اڳ ۾ ماڻھو گھرن کي ماحول سان ھم آھنگ بڻائيندا ھئا. ان پراڻي فن تعميرات ۾ تاريخي طور تي ماڻهن پنهنجي گهرن کي خوشگوار ۽ رهڻ لائق بڻائڻ لاءِ فطرت تي ٻڌل يا ماحول دوست طريقا استعمال ڪندا ھئا. جھڙوڪ گهرن کي روشن ڪرڻ لاءِ سج جي روشنيءَ جو وڌ کان وڌ استعمال ۽ گھر اندر ان جي داخلا لاءِ مناسب انتظام ڪرڻ، ٿڌڪار لاءِ هوا جا رستا رکڻ، ۽ باهه کان بچاءَ لاءِ ڀتين ۽ ڇت تي مٽيءَ جو استعمال. انھن طريقن ۾ گھر کي ٿڏو ۽ روشن رکڻ لاءِ گھرن جي ڇت تي منگھ يا بازيگر لڳائڻ پڻ اھم ھوندو ھو ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اھي عام ھوندا ھئا. اهي فن تعمير جا  طريقا ۽ گهرن جا نمونا اصل ۾ نسل در نسل  منتقل ٿيندا رھيا ۽ نسلن جي تعميري ڄاڻ جو نتيجو هئا۔ مٽيءَ جون ٿلهيون ڀتيون، وڏا اڱڻ، ڇانوَ، ۽ هوادار ورانڊا گرمي گهٽائڻ ۽ گهرن کي پرسڪون بڻائڻ لاءِ استعمال ٿيندا ھئا ۽ اھا طرز تعمير تمام اثرائتي پڻ ھئي۔ ڀتين ۽ ڇتين تي مٽيءَ جو ليپ ڪرڻ پڻ عام هو، جيڪو ٻھراڙيءَ ۾ اڪثر عورتون ڪنديون هيون.

سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گهرن ۾ (خاص ڪري لاڙ واري حصي ۾) منگهه هوندا هئا، جيڪي بجليءَ کان سواءِ گهرن کي روشن، هوادار ۽ ٿڌو رکندا هئا۔ بازيگر اصل ۾ “بادگير” آھي، جيڪو فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي. “باد” معنيٰ هوا ۽ “گير” معنيٰ پڪڙيندڙ، ڇڪيندڙ يا حاصل ڪندڙ۔ بازيگر يا منگھ سنڌ جي  ڪيترن ئي شهرن جهڙوڪ ٺٽي، سجاول، بدين، حيدرآباد ، ھالا، شڪارپور وغيره ۾ عام هئا۔ حيدرآباد ۾ ايترا ته منگھ ھوندا ھئا، جو “منگهن جو شهر” طور مشهور ٿيو. شڪارپور جي تاريخي ڍڪ بازار کي به منگھن ذريعي روشن ۽ ھوادار رکيو ويندو ھو. انھن منگھن جي به ڊزائن مختلف ضرور ھئي پر مقصد ساڳيو ئي ھو. سنڌ کان علاوه بازيگر ايران، وچ اوڀر، مصر، افغانستان، اتر آفريڪا ۽ ڀارت جي ڪجهه علائقن ۾ به عام ھوندا هئا۔ حيدرآباد وانگر ايران جو يزد شھر بہ “منگھن جو شهر” طور سڃاتو وڃي ٿو، جتي گھرن جي ڇتين تي صديون پراڻا سوين اهڙا ننڍا  ننڍا ٽاور موجود آهن۔ بندر عباس ۽ فارس جي نار جي بندرگاهن ۾ اهي اڪثر چورس ٽاور هوندا هئا، جيڪي ڇتين تي ٺهيل ھوندا ھئا ۽ هڪ پاسي کان سمنڊ جي هوا لاءِ کليل هوندا هئا۔ علائقائي ثقافتي ترجيحن موجب منگھن جي ڊزائن مختلف هوندي هئي، پر سڀني جو مقصد ۽ ڪم ساڳيو هوندو هو۔

ڊازئين جي حساب سان منگھ يا بازيگر ڇت کان مٿي ٺهيل عمودي کليل ڍانچا هوندا هئا، جيڪي بجليءَ کان سواءِ عمارتن کي قدرتي طور ٿڌو رکڻ لاءِ ٺاهيا ويندا هئا۔ منگهه ۾ هڪ ڍڪ هوندو آھي، جنهن کي ضرورت يا موسم مطابق کوليو يا بند ڪيو ويندو هو ته جيئن هوا جي داخلا کي ڪنٽرول ڪري سگهجي۔ اهو نظام رسيءَ وسيلي هلندو هو، جيڪا ڇڪي ڍڪ کي مٿي کنيو ويندو هو ۽ پوءِ ڀت تي لڳل ڪنھن ڪنڊيءَ سان ٻڌي مضبوط ڪيو ويندو هو۔ ان طريقي سان ماڻھو گرميءَ ۾ ٿڌي هوا کي گھر اندر آڻيندا هئا يا طوفان، مٽي يا تيز مينهن وقت ڍڪ بند ڪندا هئا، ۽ اهو سڀ ڪم ڪمري جي اندر محفوظ نموني ڪندا هئا۔ منگهه جو منهن هميشه هلندڙ هوا جي رخ ڏانهن هوندو هو، جيئن هوا انھيءَ عمودي ننڍي ٽاور ذريعي ڪمري اندر داخل ٿئي ۽ ان کي ٿڌو رکي۔ اونهاري ۾ هوا ڏکڻ اولهه طرف اچي ٿي، تنهنڪري منگهه ان رخ ڏانهن هوندو هو۔ منگهه ٻه ماڙ عمارتن ۽ زميني ڪوٺين کي به ٿڌو رکڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو۔ رتيديري جي ماڙين تي منگھ مشهور ھوندا ھئا، جنھن متعلق لوڪل گيت يا سھرو به مشھور ھو ته `واھ واھ رتي جون ماڙيون `. ڪنھن دوست مون کي ٻڌايو ته سندن حيدرآباد ۾ ٻه ماڙ گھر ۽ ھيٺ ڀانڊو ھوندو ھو، جنھن کي به منگھ لڳل ھو، جيڪو ھيٺ ڀانڊي يا اسٽور تائين گھر کي ٿڌو ۽ روشن رکندو هو. پر ھاڻي وقت سان گڏ هي قدرتي هوا وارو پراڻو طرز تعمير تقريبن ختم ٿي ويو آھي.  جيتوڻيڪ اهو انتهائي اثرائتو هو۔ اڃا به سجاول،  ٺٽي ۽ ھالا  جي ڪجهه ڳوٺن يا ڀرپاسي ۾ اهڙا گهر موجود آهن، جتي هي قدرتي ٿڌڪار ۽ گھرن کي روشن رکڻ واري پراڻي ٽيڪنالاجي نظر اچي ٿي۔ موجوده دؤر ۾ آغا خان اسپتال ۾ اھي منگھ جديد عمارتي فن سان ڳانڍاپي ۾ لڳل آھن، جيڪي يقينن توھان جي نظرن مان گذريا ھوندا.

ھڪ اندازي موجب ٿلھي ليکي گذريل پنجاھ سالن ۾ روايتي گهرن جا ڊزائن مڪمل طور تي ڪنڪريٽ ۽ سيمنٽ جي گهرن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، جيڪي مڪمل طور بجلي تي دارومدار رکن ٿا. ڏينھن جو به انھن گھرن ۾ بجلي جي بغير اوندھ رھي ٿي۔ ماحولياتي سائنس موجب اهي گھر وڌيڪ ڪاربان خارج ڪندڙ ڍانچا آهن، ڇو ته انهن جي تعمير دوران وڏي مقدار ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿئي ٿي۔ انهن ۾ قدرتي ٿڌڪار جو ڪو بندوبست نہ ھوندو آھي. ايئرڪنڊيشنر سان ٿڌو رکڻ لاءِ گهڻي توانائي ۽ ڪاربان خرچ ٿئي ٿو۔ وڌندڙ گرمي پد ۽ ھوا جي مناسب لنگھڻ نه ھئڻ سبب اھي گھر ڄڻ ته سيمينٽ ۽ ڪنڪريٽ جا تندور ھجن. ۽ ظاھر آھي انھن جا انساني صحت تي ھاڃيڪار اثر به پون ٿا. شھر جڏھن ڪنڪريٽ جا ھڪ ڍير ٿي ويا آهن، يا اڃان به ائين چئجي ته ڪنڪريٽ جا جهنگ ٿي ويا آهن، تڏھن پراڻي دؤر جو ھي شاندار طرز تعمير ضرور ياد اچي ٿو، جنھن جي ڊجيٽل نسل کي شايد ئي خبر ھجي.

گرميءَ جون لهرون ۽ بجليءَ جون ڊگھيون لوڊ شيڊنگون اڄ منگهن جي اھميت کي وڌيڪ اجاگر ڪن ٿيون۔ ماضيءَ جي ھي شاندار ايجاد اسان کي جديد، موسمي تبديليءَ سان هم آهنگ تعمير لاءِ ھڪڙو  اهم سبق پڻ ڏئي ٿي تہ بجلي جي ڳرن بلن، کوٽ، گرمي جي وڌندڙ لھرن کي نظر ۾ رکندي هن تعميراتي طريقي کي ٻيهر زنده ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي. ڇو ته اهي توانائي بچائيندڙ، جمالياتي طور خوبصورت، ۽ گھر کي آرامدہ بنائڻ جو اهم حصو آهن۔ مون کي مشھور ماحولياتي سائنسدان ڊاڪٽر فرينڪ وين اسٽينبرجن جو ھڪڙو جملو ياد پيو اچي، جيڪو چوي ٿو ته ماحول جي حفاظت لاءِ تمام گهڻا ڪم آهن، جيڪي اسين ڪري سگهون ٿا، پر اسين نٿا ڪريون، حالانڪه اهي بلڪل ٿوري ڪوشش ۽ اسان جي توجہ گهرن ٿا ۽ اسان جي زندگي ۾ آساني پيدا ڪري سگھن ٿا.

[email protected]