تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

منھنجي تنھنجي ڪھاڻي … حيدر دريا

توکي بلڪل ياد ھوندو ته رات جو دير تائين ناني پاڻ کي ڪھاڻيون ٻڌائيندي ھئي، ڪھاڻي ختم ٿيندي ھئي ته تون چوندي ھُيئين “رڳوڪوڙ ” تڏھن ناني ڪاوڙجي پوندي ھئي، ۽ پوءِ آئون ڊگھا خواب ٻڌائيندو ھوس.
ھڪ رات ناني تو سان بلڪل ڪاوڙيل ھئي ۽ ڪھاڻي ڪون پي ٻڌايائين ته مون وڏا ڊگھا خواب ٻڌائيندي چيو ھو ” ناني آئون ننڊ ۾ وڏن وڏن شھرن جا وڏا وڏا ميدان ويران ڏسندو آھيان ۽ مونکي انھن ۾ گم ٿي پاڻ وڃائجي وڃڻ جو خوف ٿيندو آھي!”ناني پڇيو ھو “خواب ۾ ٻيون ڪھڙيون وڏيون شيون ڏسندو آھين؟” مون ٻڌايو ھو ته”آئون خواب ۾ جانور به وڏا، وڏا ڏسندو آھيان، انھن مان اڪثر، اُٺ منھنجي پويان پوندو آھي ۽ مان اُٺ کان ڀڄندي، ڀڄندي ڪِري پوندو آھيان، پر تڪڙو اٿي پاڻ سنڀالي وري ڀڄندو آھيان. پر حيرت آھي ته اٺ پوءِ به مونکي پھچي نه سگھندو آھي – اھو خواب مون اسڪول ۾ استاد کي ٻڌايو ھو ته استاد مونکي چيو ھو ” جيڪي ماڻھو وڏا جانور، وڏا ميدان ۽ وڏا خواب لڀندا آھن سي وڏو نالو ڪمائي وڏا ماڻھو بڻجندا آھن” “پر ناني مونکي ھروڀرون ته سولو ھٿ به ڪير ڪون ڏيندو آھي ” ناني کلِي چيو ھو “وڏن ماڻھن کي ھروڀرون ھٿ، ڪير ڏيندو به ڪون آھي!” ۽ مون پڇيو ھو ” ناني ته پوءِ ھي….ھي جيڪي اليڪشن ۾ بيھن ٿا، اھي به وڏا ماڻھو آھن – انھن جا ته ماڻھو پير پيا چمندا آھن!” ناني چيو ھو” بابا اھي وڏ ماڻھپي مان وڏا حرامخور ۽ وڏا رھزن ٿي پيا آھن. ماڻھو انھن وٽ ايئن جهڪن ٿا جيئن تون خواب ۾ اٺ کان ڀڄندي، ڀڄندي خوف ۾ ڪري پوندو آھين!”
ياد اٿئي! ناني جي واتان اھڙو سچ ٻڌڻ کانپوءِ توکي ناني جي ڪنھن بہ ڳالھ تان وري ڪڏھن به کل ڪون آئِي!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *