من پسندپوسٽ مارٽم نه ڏيڻ تان ڊاڪٽر کي هٽايو ويو: پگهار بند

جُون 1, 2023

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ صحت کاتي جو هڪ وڌيڪ ڊاڪٽر عتاب هيٺ، جيڪب آباد ۾ 3 سال اڳ فيصل مغيري جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪل ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي سي ڊي سي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي عهدي تان  هٽائي پگهارون بند ڪيون ويون

 ان ڏس ۾ ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪندي صحت کاتي ۽ هڪ بااثر سياسي شخص تي انتقام جو نشانو بڻائڻ ۽ ڪردارڪشي جا الزام لڳايا آهن

 ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پگهارون بند هجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فيصل مغيري جو موت منشيات واپرائڻ سبب ٿيو، هڪ بااثر سياسي شخص چاهي پيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ تبديل ڪري واقعي کي قتل ڄاڻايون

هن چيو ته ميڊيڪل ٽيم ۾3 ميمبر ٻيا به هئا، انڪوائري رڳو منهنجي خلاف آرڊر ڪئي  وئي،  جنهن کي مون چيلنج ڪيو آهي. هن چيو ته 10 مارچ تي مون کي صحت کاتي ۾ رپورٽ ڪرائي پگهارون بند ڪيون ويون

هن چيو ته فيصل مغيري جي ڪيس ۾ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪئي وئي، فيصل جا وارث خاموش رهيا رڳو زبير جکراڻي معاملي کي پوسٽ مارٽم طرف وٺي ويو، اسان جزا لاهور اماڻيا هئا، جتي جکراڻين ۽ مغيرين جو اثر ناهي، رپورٽ ۾ فوتي جي معدي ۽ جگر ۾ چرس جا ڪيميڪل ڪمپائونڊ مليا

 هن چيو ته ڪيس ۾ غلط بياني ڪئي وئي، خواهش تحت پوسٽ مارٽم رپورٽ نه ڏيڻ تي انتقام جو شڪار ۽ ذھني اذيت ۾ مبتلا آهيون

Leave A Comment