مهاجر قومي موومينٽ ۽ نواز ليگ ۾ اتحاد سان اسان کي فائدو ٿيندو: بلاول ڀٽو زرداري

نومبر 10, 2023

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مهاجر قومي موومينٽ ۽ نواز ليگ ۾ اتحاد سان اسان کي نقصان گهٽ فائدو گهڻو ٿيندو
مولانا فضل الرحمان سان رابطا جاري رهندا، اُن سان گڏجي چونڊ وڙهي سگهون ٿا ۽ مقابلو به ڪري سگهون ٿا، ڪنگز پارٽي هر اليڪشن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ايندي آهي
هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪنگز پارٽي جو 2008ع جهڙو خراب حال ڪنداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ ڏسنداسين ته چونڊن ۾ ڇا ٿو ٿئي
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهباز شريف کي وزيراعظم ڪرائڻ ۾ اسان وڏي محنت ڪئي، اها وقت جي ضرورت هئي ۽ وقت جي ضرورت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي
هن چيو ته ڪنگز پارٽي ٺاهڻ سان عوا، سياسي حلقن ۽ دنيا ۾ غلط تاثر ويندو آهي، پارٽي سان بي وفائي ڪندڙن کي چونڊن ۾ قيمت ادا ڪرني پوندي آهي، پي ٽي آءِ پهرين آئين ۽ جمهوريت تي يقين نه رکندي هئي، هاڻي خيال آيو اٿن ته آئين ۽ جمهوريت به ڪا شئي آهي
بلاول چيو ته پي ٽي آءِ سکيا جي مرحلي ۾ آهي، کين گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو
بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانين بابت پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف ڪليئر آهي، افغانين سميت ٻين غير قانوني پرڏيهين کي عزت سان واپس موڪليو وڃي، پر انساني حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي

Leave A Comment