مهانگائي جون ذميوار، پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ!

سيپٽمبر 26, 2023

ٿاڻوبولاخان (ن پ ا)  جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير اسد الله ڀٽو پريس ڪلب ٿاڻوبولاخان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي

 ته ملڪ ۾ مھانگائي جي ذميوار پ پ، پي ٽي آءِ ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم  آھن، جن آءِ ايم ايف سان غلط معاھد ڪري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. ھن چيو ته ھر ھفتي پيٽرول جون قيمتون وڌايون وڃن ٿيون

وزيرن مشيرن جوتعداد گھٽائي انھن جون مراعتون گھٽايون وڃن، تقربين پوڻا ٻه  لک آفيسرن  کي مفت بجلي پيٽرول سميت ٻيون سھولتون ڏنيون وڃن ٿيون اھي ختم ڪيون وڃن.ھن چيو

ته ڪرپشن ۾ صدر وزير اعظم سميت سڀ مليل آھن سڀني کي  سزائون ڏيئي ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو وڃي .ھن چيو ته مھانگائي بيروزگاري سبب ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تمام گھڻي خراب آھي

سنڌ ۾  بدامني جي باھ ٻري رھي آھي ھن چيو ته سنڌ ۾ چوريون ڦرون ڌاڙا عام ٿي ويا آھن. سندس چوڻ هو ته جيڪي حالتون نظر اچن پيون اليڪشن ضرور ٿيندي پر ايندڙ سال ۾ٿيندي نظر اچي پئي عوام ووٽ ذريعي تبديلي آڻي جماعت اسلامي کي ووٽ ڏي

Leave A Comment