مهانگائي جي ماريل عوام کي بجلي جو جهٽڪو، بجلي في يونٽ ساڍا 7 رپيا مهانگي
جُولاءِ 22, 2023
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي سرڪار مهانگائي سٽيل عوام مٿان بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، بجلي ساڍا 7 روپيا في يونٽ مهانگي، وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي
ملڪ ۾ بجليءَ جي بنيادي ٽيرف ۾ 3 کان ساڍا 7 رپيا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي، ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي اگهن ۾ واڌ واري سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي
ذريعن موجب حڪومت نيپرا وٽ بجلي جي بنيادي قيمت ۾ واڌ جي درخواست داخل ڪرائي آهي، نيپرا جي فيصلي کانپوءِ حڪومت بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي
ذريعن موجب بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، هڪ سئو يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ به بجلي 3 روپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي
101 کان 2 سئو يونٽس استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي 5 رپيا مهانگي ٿيندي، 301 کان 4 سئو يونٽس تائين جي واهپيدارن لاءِ بجلي ساڍا 6 روپيا مهانگي ٿيندي، 4 سئو کان مٿي 7 سئو يونٽس تائين جي واهپيدارن لاءِ بجلي ساڍا 7 رپيا مهانگي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، نيپرا هلندڙ مالي لاءِ بجلي جي بنيادي قيمت ۾ اضافي جي اڳ ئي منظور ڏني هئي