| مهانگائي خلاف احتجاج ۾ پرڏيهي هٿ ملوث، ايران دشمن آڏو نه جهڪندو: خامنه اي |
تهران (م ڊ) ايران جي روحاني پيشوا آيت الله علي خامنه اي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايران دشمن جي آڏو نه جھڪندو، قطعي پوئتي نه هٽندو ۽ دشمن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندو. هن چيو ته جڏهن دڪاندار ۽ واپاري ملڪ جي مالياتي صورتحال، ڪرنسي جي قدر ۾ لاٿ، ملڪي ڪرنسي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن کي ڏسندو آهي ته چوندو آهي ته مان ڪاروبار نٿو ڪري سگهان هو صحيح پيو چوي. آيت الله خامنه اي چيو ته ملڪي اختيارين کي ان کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته صدر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هي هڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ ان ۾ دشمن به ملوث آهي، پرڏيهي ڪرنسي جي قيمت ۾ سخت لاها چاڙها ۽ عدم استحڪام فطري نه آهن پر ان ۾ دشمن ملوث آهي ۽ ان کي روڪڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته احتجاج ڪرڻ مناسب آهي، پر احتجاج ۽ شرپسنديءَ ۾ فرق هوندو آهي، مظاهرين سان ڳالهيون جاري آهن ۽ اختيارين کي مظاهرين سان ڳالهين ڪرڻ گهرجن، پر شرپسندن سان ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي ۽ کين گهر جو دڳ ڏيکارڻ ضروري آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي، امير سعيد ايراني، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط لکي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيانن کي مداخلت قرار ڏنو آهي. خط ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٽرمپ جون ڌمڪيون ايران خلاف مسلسل دٻاءُ ۽ مداخلت جو واضح نمونوآهن جيڪو ايراني عوام جي حمايت جي بهاني سان جاري رکيو پيو وڃي. اهڙيون ڌمڪيون بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهن. هن خبردار ڪيو ته ٻاهرين دٻاءُ يا فوجي مداخلت جي بهاني اندروني بدامني کي ڀڙڪائڻ، حوصلا افزائي ڪرڻ يا جائز قرار ڏيڻ جي ڪا به ڪوشش اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري، سياسي آزادي ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي آهي.