مهانگائي خلاف سوين ماڻهو نڪري آيا، مٺي ۾ ڌرڻو

جُولاءِ 23, 2023

مٺي( رپورٽر)  ٿر  ۾ اٽي سوڌو عام شين جا اگهه وڌي ويا، غربت سٽيل ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان، مٺيءَ ۾ سوين ماڻهو مهانگائي خلاف رستن تي نڪري آيا،ڌرڻو

 ٿر سجاڳ سٿ جي سڏ تي اٽي سميت عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ  واڌ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته عام واهپي جي  شين جا اگهه آسمان تي پهچڻ سبب غريب طبقو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي

اڳواڻن جو چوڻ هو ته هڪ طرف بيروزگاري آهي ته ٻئي طرف ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ سبب سنڌ ۾ آپگهات جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن

مظاهرين جو چوڻ هو ته مهانگائي سبب عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، پورهيت طبقو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي

هنن چيو ته کاڌي پيتي جي شين جا اگهه گهٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج تيز ڪيو ويندو

Leave A Comment