سکر(بيورو رپورٽ)تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو مهانگائي خلاف ڪراچي کان نڪتل لانگ مارچ ڪجهه دير بعد سکر مان اسلام آباد روانو ٿيڻ وارو آهي ٽي ايل پي جي امير سعد رضوي جو چوڻ آهي ته کنڊ ۽ اتي جو بحران پيدا ڪري هارين، آبادگارن ۽ عوام کي پريشان ڪيو ويو آهي
گلوب چوڪ تي لانگ مارچ کي خطاب ڪندي سعد رضوي چيو ته سنڌ اندر ڏوهي راڄ آهي، پئسن عيوض اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن، پ پ سونهرا خواب ڏيکاري عوام کي اونداهي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي
سندس چوڻ هو ته پورو پاڪستان اندر عدم استحڪام جو شڪار آهي، سياسي جدوجهد ڪندڙن خلاف سنڌ ۾ مافيا سرگرم آهي، مخالفن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويندا آهن
هن چيو ته تحريڪ انصاف جيڪو پنهنجي پوکيو اهو ئي ڪاٽيو آهي، ٻين سان ڪندي خوش ٿيندا هئا هاڻي هو روئي رهيا آهن، انهن دين جو رستو روڪيو هو هاڻي سندن نسل روئيندا
سعد رضوي چيو ته هن وقت عدليا پي ٽي آئي ۽ اسٽيبلشمينٽ پي ڊي ايم سان گڏ آهي، رڳو تحريڪ لبيڪ پاڪستان ملڪ سان گڏ بيٺل آهي.، اليڪشن وقت تي نه ٿي ته مارچ ڪنداسين