مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي ڪيرائڻ جي تياري: فيصلو محفوظ

مارچ 28, 2024

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) حڪومت مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي ڪيرائڻ جي تياري ڪري ڇڏي، بجلي 4  رپيا 99 پئسا  في يونٽ مهانگي ڪرڻ  جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي  مڪمل، نيپرا چيئرمين وسيم مختار بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي فئبروريءَ جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾بجلي في يونٽ 4  رپيا 99 پئسا  مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي

 نيپرا طرفان بجلي ۾ واڌ جو فيصلو اچڻ بعد صارفين تي 40 ارب رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو

Leave A Comment