اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾مهانگائي وڌڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، مهانگائي جي شرح 38.28 سيڪڙو تائين پهچي وئي، هڪ هفتي دوران 17 عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو
شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.30 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جنهن سبب مجموعي شرح 38.28 سيڪڙو تائين پهچي وئي
رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران ٽماٽا في ڪلو 7 رپيا مهانگا ٿيا، آنن جي في درجن قيمت ۾ 10 رپيا واڌ ٿي ، 800 گرام لوڻ جي پيڪيٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا، ٿوم جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا اضافو ٿيو
هڪ هفتي دوران ڪڪڙ، گوشت، پٽاٽن ۽ بصرن جون قيمتون به وڌي ويون جڏهن ته 17 عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ لاٿ ٿي
کنڊ في ڪلو قيمت 7 رپيا، چڻن جي دال 5 رپيا، مڱن جي دال 7 رپيا، ماش دال 8 رپيا في ڪلو سستي ٿي
چانورن جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ٿي، اهڙي ريت هلندڙ هفتي 17 شين جون قيمتون برقرار رهيون