مهانگائي ڇو؟ ڪراچي ۾کدڙن فقيرن جو مظاهرو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي کدڙن فقيرن ملڪ ۾وڌندڙ مهانگائي، پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ مسلسل واڌ، بيروزگاري ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف مظاهرو ڪيو ويو. جنهن کي بنديا راڻا، شهزادي راءِ، مناهل قاضي، شيرين اسد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت روزانو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري رهي آهي، جنهن سبب مهانگائي عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته هڪ طرف روزگار جا موقعا ناهن ته ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جا ڳرا بجلي بل ماڻهن کي مالي پريشانين ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن. بنديا راڻا چيو ته کدڙا فقير برادري کي نه روزگار ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ئي کين سگنلن تي بيهي روزي ڪمائڻ ڏني وڃي ٿي. هن چيو ته کدڙا فقير اڄ به تعليم، صحت، روزگار، تحفظ ۽ رهائش جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هنن چيو ته سوشل ويلفيئر کاتي خواجه سرا برادري جي نالي تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جون دعوائون ڪيون پر برادري کي ڪو فائدو ناهي پهتو. شهزادي راءِ چيو ته سنڌ حڪومت به روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم نٿي کڻي.