| مهانگائي گهٽ: خوراڪ اگهن ۽ زرعي پيداوار تي دٻاءَ، صنعتي سرگرمين ۾ بهتري آئي: ناڻي وزارت |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪي معاشي صورتحال جي حوالي سان ناڻي وزارت آئوٽ لڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق ملڪ اندر نومبر دوران مهانگائي جي شرح 5 کان 6 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو اندازو آهي، تنهن هوندي به پاڪستان جي معاشي صورتحال محتاط انداز ۾ مثبت نظر اچي رهي آهي. خوراڪ جي قيمتن ۽ زرعي پيداوار تي دٻاءُ پيو آهي ۽ صنعتي سرگرمين ۾ بهتري جاري آهي. ناڻي وزارت جي جاري ڪيل ماهوار معاشي آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته معاشي سڌارن جي نفاذ سان اقتصادي سرگرمين ۾ استحڪام آهي. ربيع سيزن دوران زرعي سپلاءِ جي استحڪام جو امڪان آهي. ناڻي وزارت موجب معيشت مضبوط رستي تي هلي پئي آهيي. مالي نظم ۽ ضبط ۾ بهتري ۽ ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ موجب سرڪاري خرچن ۾ محتاط حڪمت عملي جاري رهندي، ترسيل زر ۾ اضافو ۽ معاشي صورتحال وڌيڪ مستحڪم نظر اچي رهي آهي. ناڻي وزارت جو چوڻ آهي ته ايل ايس ايم شعبي ۽ آئي ٽي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته عوامي قرض 1371 ارب رپين گهٽجي ويو آهي. رپورٽ مطابق پنجن سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو هڪ ٽه ماهي ۾ قرض ۾ واضع گهٽتائي ٿي ۽ مهانگي قرضن جي اڳواٽ ادائيگي سان مالي خطري ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته اقتصادي استحڪام لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي مؤثر ثابت ٿي رهي آهي.