مهانگائي ۾ اضافو، ٽماٽا، کنڊ، ادرڪ، چانهه ۽ ڪيلن جي اگهن ۾ واڌ

مهانگائي ۾ اضافو، ٽماٽا، کنڊ، ادرڪ، چانهه ۽ ڪيلن جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ 0.07 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جنهن کانپوءِ سالياني مجموعي aمهانگائي جي شرح 3.53 سيڪڙو ٿي وئي. شماريات کاتي جي رپورٽ مطابق گذريل هفتي 16 ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، جن مان سڀ کان وڌيڪ اضافو ٽماٽن ۾ ٿيو، جيڪو 57.03 سيڪڙو مهانگو ٿيو. ساڳئي طرح ادرڪ ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ 2.6 ۽ 2.23 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ڪيلن ۽ چانهه جي اگهن  ۾ به 0.72 ۽ 0.59 سيڪڙو اضافو ٿيو. گوشت، ڪوڪنگ آئل، ايل پي جي  جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو. جنهن سبب صارفين تي مالي بار ۾ اضافو ٿيو. ٻئي پاسي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 13 شين جي قيمتن ۾گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته 22 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون. بصر جي قيمت ۾ 12.38 سيڪڙو ۽ مرغي جي قيمت ۾ 8.08 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي، جڏهن ته پٽاٽي، اٽي، آنن، دال منگ ۽ چڻن جي دال سست ٿي.