مهانگائي ۾ ساڍا 28 سيڪڙو واڌ، اٽو، کنڊ، پٽاٽا، بصر ۽ ٽماٽا مهانگا

جُولاءِ 7, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتيوار شرح ۾ ساڍا 28 سيڪڙو تائين واڌ ٿي وئي آهي، ڪڻڪ جو اٽو، کنڊ، پٽاٽا، ٽماٽا ۽ بصر مهانگا ٿي ويا

 شماريات کاتي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته هلندڙ هفتي کائڻ پيئڻ جون  24 شيون مهانگيون ٿيون

 ٽماٽا  42 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگا ٿيا، بصر پوڻا 9 سيڪڙو ۽ پٽاٽا پوڻا پنج سيڪڙو مهانگا ٿيا، هڪ هفتي دوران اٽو 4 سيڪڙو ۽ ڳڙ به 4 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگو ٿيو، کنڊ جي اگهن ۾ پوڻا چار سيڪڙو واڌ ٿي

 هلندڙ هفتي 10 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي به ٿي، ڪيلا، ڪڪڙ جو گوشت، بيضا ۽ گيهه سستو ٿيو

Leave A Comment