| مهانگو تيل: سنڌ جي سوا 3 لک آبادگارن کي 3 ارب جاري |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت هاري ڪارڊ ذريعي 3 لک 31 هزار آبادگارن کي پيٽرول سبسڊي جي مد ۾ 3 ارب رپيا جاري ڪيا، ان ڏس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ھاڻوڪين معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي ھارين جي خوشحالي لاءِ پيٽرول سبسڊي جي مد ۾ اھم سنگ ميل پار ڪري ورتو آھي، صوبي ۾ 3 لک 31 ھزار ھارين /آبادگارن کي ھاري ڪارڊ ذريعي پيٽرول سبسڊي ڏني وئي آھي. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيٽرول سبسڊي جا 3 ارب رُپيا شفاف نموني جاري ڪيا وياآهن، هن چيو ته سبسڊي 19 لک 40 ھزار ايڪڙ زرعي ايراضي لاءِ ڏني وئي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومتي امداد سبب ڪڻڪ جي فصل ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو. سندس چوڻ ھو ته حڪومتي امداد جي نتيجي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 35 مان وڌي 48 لک ٽن تائين پھچي وئي، زرعي پيداوار ۾ واڌ، معاشي ترقي ۽ ھارين جي خوشحالي لاءِ سنڌ حڪومت اھڙا قدم کڻندي رهندي .