| مهانگي مڇي خريد ڪري جاپاني هوٽل مالڪ رڪارڊ جوڙي ورتو |
ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) مهانگي مڇي خريد ڪري جاپاني هوٽل مالڪ رڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان جي مشهور سوشي ريسٽورينٽ چين جي مالڪ ڪيشي ڪيمورا نالي شهري ناياب ٽونا مڇي 32 لک ڊالر ۾ خريد ڪئي، سوشي ريسٽورينٽ چين مڇي جي خريداري لاءِ لڳل نيلامي ۾ سڀ کان وڏي ٻولي لڳائي. اها نيلامي پيسفڪ سمنڊ ۾ ٽونا مڇي جي نسل ۾ واڌ سبب لڳائي وئي ڇاڪاڻ ته ڪجهه عرصو اڳ ٽونا مڇي جو نسل گهٽجڻ سبب ماهيگير پريشان ٿي ويا هئا جنهن بعد ان جي واڌ تي مثبت اڳڀرائي طور تقريب منعقد ڪئي وئي. پيو چيريٽيبل ٽرسٽ جي عالمي ماهيگيرن واري ٽيم نيلامي واري تقريب جو بندوبست ڪيو جٿي ڪيشي ڪيمورا سڀ کان وڏي ٻولي لڳائي ٽونا مڇي جو خريدار بڻيو ۽ گڏوگڏ عالمي رڪارڊ پڻ جوڙي ورتو.