| مهان شاعر راشد مورائي جي 12هين ورسي: ادبي ويهڪ: مشاعرو: شاندار ڀيٽا پيش |
مورو (رپورٽ: وحيد رزاق مستوئي) سنڌ جي قومي شاعر راشد مورائي جي 12 ورسي: آخري آرامگاھه تي حاضري:ادبي ويهڪ: مشاعرو: شاندار ڀيٽا پيش، ان ڏس ۾ راشد مورائي يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي پاران ڪلچرل سينٽر ۾ ٿيل ادبي ويهڪ ۾ کي اڳوڻي وفاقي وزير مدد علي سنڌي، تاج جويو، ڊاڪٽر شير مھراڻي، ڊاڪٽر ادل سومرو، احمد سولنگي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، رکيل مورائي، بخشل باغي، ستار سندر، پريتم قاضي، ادريس جتوئي، ، ڀارو مل امراڻي، ستار ھليو، مختيار ملڪ، ايڊووڪيٽ ستار هليو، زيبر سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته راشد مورائي سنڌ جومزاحمتي شاعر هو، سندس شاعري ۾ ڌرتيءَ ۽ قوم جو درد سمايل آھي، سندس فڪر ۽ عمل سنڌ جي ماڻهن کي حقيقي رستي تي وٺي هلي ٿو، راشد آدرشي استاد به هو، سندس شاگرد سنڌ جي خوشحالي، ترقي ۽ تعمير ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، هنن چيوته راشد جي شاعريءَ نئين نسل لاءِ راھ هموار ۽ حق سچ وارو رستو آهي، راشد جي شاعري سنڌ جي ماڻهن ۾ شعور ۽ اتساھ پيدا ڪيو آهي، تقريب ۾ سنڌ جي مختلف شهرن کان آيل ناليوارن شاعرن راشد مورائي جي ترنم ۾ شاعري پڙهي داد حاصل ڪيو ۽ فنڪارن پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، انهي کان اڳ اديبن راشد مورائي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي گل نڇاور ڪيا