مهاڻي جو مجسو هٿ، ڪپڙا مٽايل
جُون 12, 2025
ڪوٽڙي (پنهنجي ڊيسڪ )ڪوٽڙي پوليس مبينا چوري ٿيل مهاڻي جو مجسمو هٿ ڪري ورتو آهي.
مجسمو چوري ٿيڻ بابت ميڊيا تي خبرون هلڻ کانپوءِ ڪوٽڙي پوليس شهر جي ريلوي ڪالونيءَ مان مجسمو هٿ ڪري ورتو آهي
مجسمو هٿ اچڻ تي ڪوٽڙي جي شهرين ۾ سرهائي، سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته مجسمو چوري ڪندڙ جوابدار به گرفتار ڪيا وڃن
پوليس موجب مجسمو ريلوي ڪالونيءَ مان هٿ ڪيو ويو آهي، لڳي ٿو نشي جا عادي جوابدار مجسمو چورائي ويا هئا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
جڏهن ته ميونسپل انتظاميا جو چوڻ آهي ته مهاڻي جو مجسمو هٿ ڪيو ويو آهي، ٻيهر اهڙي قسم جي حرڪت کي روڪڻ لاءِ انتظام ڪيا ويندا.
هوڏانهن ڪجهه ماڻهن اهو به چوڻ هو ته چوري ٿيل مجسمي کي جيڪي ڪپڙا پهاريل هئا چور هو به لاهي ويا آهن، يا پوليس هٿ ڪرڻ بعد ٻيا ڪپڙا پهرايا آهن.