مهتاب حملو ڪيس، شهريار شر جي ضمانت رد
جُولاءِ 1, 2025
ڏهرڪي ( پنهنجي ڊيسڪ ) ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر ۽ پٽ جهانگير شر جي عبوري ضمانت رد ٿي وئي،ڏهرڪي جي ايڊيشنل سيشن جج پرديپ ڪمار جي عدالت ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ڪورٽ طرفان اڄ ڪيس جو فيصلو رکيل هئو شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر اڄ عدالت نه پهتا ،ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر عبوري ضمانت تي هئا ، ذريعن موجب ضمانت رد ٿيڻ واري امڪان سبب اڳوڻو ايم پي اي شهريار شر ۽ پٽ جهانگير شر عدالت نه آيا.