مهتاب ڏهر حملو ڪيس ۾ شهريار شر ۽ پٽ جي ضمانت ۾ واڌ

مهتاب ڏهر حملو ڪيس ۾ شهريار شر ۽ پٽ جي ضمانت ۾ واڌ

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پاران ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي حملي ڪيس ۾ شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر جي عبوري ضمانت ۾ 20 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي . ايم پي اي مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ سردار شهريار شر ۽ جهانگير شر جي ضمانت واري درخواست جي سنڌهاءڪورٽ جي جسٽس محمود اي خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ شهريار شر ۽ پٽ جهانگير شر وڪيل قربان ملاڻو ،اسرار شاهه پيش ٿيا. عدالت ۾ جهانگير شر جي طرفان وڪيل احمد علي ڀنگوار وڪالت نامو جمع ڪرايو ويو. وڪيل اسرار شاهه مطابق عدالت ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر جي عبوري ضمانت ۾ 20 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. گهوٽڪي پوليس جاچ ۾ ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ شهريار شر جو نالو خارج ڪيو هو ۽ لاڳاپيل ڪورٽ پوليس جي سمري پڻ پاس ڪئي هئي. ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس مان شهريار شر جو نالو خارج ڪرڻ واري سمري پاس فيصلي کي سنڌهاءڪورٽ سکر ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي