مهتاب ڏهر ڪنهن ٻئي جي اشاري تي سڀ ڪجهه پيو ڪري: شهريار شر

مارچ 19, 2025

ڏهرڪي(ن پ ا) ايم پي اي مهتاب ڏهر تي ٿيل حملي ۾ قتل ٿيل سندس گارڊ جي ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر چيو آھي ته قتل ٿي ويل ظفر ڏهر هڪ مسڪين ماڻهو هو، سندس قتل جي مذمت ڪريان ٿو ۽ وارثن کي چوان ٿو ته ان جي قتل جا پيرا صحيح  نموني کنيا وڃن، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڄام مهتاب ڏهر پنهنجو سياسي پلاند لاءِ مونکي ۽ منهنجي پٽ جهانگير شر کي  قتل ڪيس ۾ نامزد ڪرايو آھي، هن کي جيڪا پرچي ملي ٿي، ان تي سئو دفعا شهريار لکيل آھي، پوءِ اها پرچي پڙهندو رهي ٿو، باقي جيڪو گرو آھي، اهو پاڻ سمجهي ٿو، مان ڪنهن جو نالو نه کڻندس، چوندا آھن ته چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک، جيڪو پاڻ ڏانهن سمجهي، هن چيو ته مون کي عدالت ۾ اميد آھي ته اتان ضرور انصاف ملندو، باقي اسان اڄ به امن چاهيون ٿا مان اڄ به ٺاهه لاءِ راضي آھيان، هن چيو ته ڄام مهتاب ڏهر شر ڏهر تڪرار ڪرائڻ چاهي ٿو پر ڏهر منهنجا ڀائر آھن، هن چيو ته پ پ قيادت ضرور هن مسئلي جو نوٽيس وٺندي مان پ پ جو ڪارڪن ۽ جيالو آهيان، هن چيو ته ڄام مهتاب پ پ جو حصو ناهي، ڄام مهتاب ڪنهن ٻئي جي اشارن تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آھي.

 

Leave A Comment