مهراڻ ورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ هيراڦيري: ڪيس داخل: جاچ شروع

جُولاءِ 24, 2023

ڪراچي/ ڄامشورو(رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ مير مرتضيٰ نوحاڻي) مهراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي انتظاميا تي فنڊن ۾ هيرا ُڦيري ، مالي بي ضابطگين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جا الزام، ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن

 ان حوالي سان ڪوآپريٽو کاتي جي رجسٽرار محمد حسين بلوچ چيو آهي ته مهراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي (ليميٽيڊ) ڄامشوري جي اڳوڻي انتظاميا خلاف سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ مڪمل جاچ کانپوءِ مالي بي ضابطگين، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سوسائٽي جي فنڊن ۾ خرد برد جو ڏوهه ثابت ٿيو آهي

جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته پريس ڪانفرنسن ۽ احتجاجن ذريعي ڄاڻايل سوسائٽي جي اڳوڻي انتظاميا نه رڳو حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر احتساب جي عمل کان بچڻ لاءِ غلط طريقو استعمال ڪيو پيو وڃي

 هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو جي اڳوڻي انتظاميا کي رهواسين جي ميمبرن جي حقن، الاٽيز جي سهولت لاءِ ترقياتي ڪمن جي شفافيت سميت ٻين سمورن قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب موقعو ڏنو ويو هو پر اهي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ويا هئا

سندس چوڻ هو ته صوبائي سيڪريٽري  پاران رابعا ڪلهوڙو کي ايڊمن مقرر ڪري سوسائٽي آفيس جي چارج سنڀالڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي اڳوڻي چيئرمين محمد بخش راڄپر  ۽ اعزاري سيڪريٽري عبدالقيوم ملاح ڪوآپريٽو کاتي جي آفيسرن/ اهلڪارن کي نه رڳو ڌمڪيون ڏنيون پر شرپسندن ۽ نامعلوم ماڻهن جي مدد سان امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

هن چيو ته اڳوڻي چيئرمين محمد بخش راڄپر سوسائٽي جو رڪارڊ غيرقانوني طور تي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو آهي، جيڪو سنڌ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ايڪٽ جي سراسر خلاف ورزي آهي، ان مقصد لاءِ ڄامشوري تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو آهي

ڪوآپريٽو  کاتي جي رجسٽرار محمد حسين بلوچ موجب اينٽي ڪرپشن کاتي پاران ڄاڻايل سوسائٽي جي فنڊن ۾ خرد برد، اختيارن جي ناجائز استعمال، يوٽلٽي پلاٽن جي غيرقانوني استعمال ۽ الاٽين کي حقيقي حقن کان محروم ڪرڻ ۽ بقايائن جي رقم هر مهيني سوسائٽي اڪائونٽ ۾ جمع نه ڪرائڻ جي به جاچ ڪئي پئي وڃي

هن مهراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي حقيقي الاٽيز کي يقين ڏياريو ته سندن مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪيا ويندا

ٻئي طرف ذريعن موجب سوسائٽي جي فيز ٽو جي اڪائونٽ ۾ ڊولپمينٽ جي مد ۾ 12 ڪروڙ رپيا پيل آهن، جڏهن ته سوسائٽي کي ماھهوار سيڪيورٽي ۽ سروس جي مد ۾ ساڍا 3 لک آمدني ٿئي ٿي

فيز ون ۽ ٽو ۾ استادن لاءِ اي، آفيسرن لاءِ بي ۽ ملازمن لاءِ سي ڪيٽگري جا 1904 پلاٽ الاٽ ٿيل آهن، جن جي اين اوسي فائل ٽرانسفر جي مد ۾ الڳ آمدني ٿئي ٿي

ٻئي پاسي سوسائٽي جي سيڪريٽري عبدالقيوم ملاح پنھنجي اخبار سان ڳالهيندي چيو ته ڪو اپريٽو ڊپارٽمينٽ جي عملدارن آڊٽ لاءِ چيو، اسان کين گهربل رڪارڊ فراهم ڪيو هو، ڊپارٽمينٽ جي اجازت سان لاڳاپيل ترقياتي ڪم پڻ ڪرايا آهن ڪجهه ڏينھن اڳ ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ جا عملدار بنا اطلاع جي نوٽيس کڻي آفيس پهتا، اسان جي باڊي ٽن سالن لاءِ چونڊيل آهي، سوسائٽي جو سمورو رڪارڊ اسان وٽ موجود آهي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي

Leave A Comment