مهراڻ ۽ سيبس يونيورسٽين ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرريون پيچيده ٿي ويون، حڪمن تي عمل نه ٿيو: هاءِ ڪورٽ
ڊسمبر 13, 2024
حيدرآباد (بيورو رپوٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ مهراڻ يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي ۾ ڊيپوٽيشن، اضافي چارجن، او پي ايس ۽ غيرقانوني ترقين خلاف داخل پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ٻنهي يونيورسٽين جي وڪيلن عدالت ۾ جواب داخل ڪرايا. پٽيشنر غلام سرور اوڍو ٻڌڻي بعد ڳالهائيندي ٻڌايو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ 24 آفيسر ايڊيشنل چارجن تي ويٺل آهن جڏهن ته 38 پٽيوالا 17هين ۽ 18هين گريڊ جي عهدن تي مقرر آهن جن خلاف عدالت 8 ڀيرا حڪم جاري ڪري چڪي آهي ته انهن کي واپس پنهنجي اصلي پوزيشن تي موڪليو وڃي پر عدالتي حڪم جي باوجود ٻنهي يونيورسٽين جا وي سيز حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو وي سي ڊاڪٽر طٰحٰه حسين ۽ الله بخش يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کي ڌر بڻايو ويو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته 8 ڀيرا عدالتي حڪم باوجود ان تي عمل نه ڪيو ويو آهي ان ڪري اهو معاملو پيچيده ٿي ويو آهي. عدالت سمورن حڪمن ۽ فيصلن تي ٻيهر جائزو وٺي پوءِ ڪارروائي اڳتي وڌائيندي. ڪيس جي ٻڌڻي 4 هفتن تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.