| “مهر-جتوئي تڪرار” جتوئي ۽ مهر هائوس ترجمانن جا هڪٻئي تي سنگين الزام |
رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) شڪارپور ۽ پني عاقل جي گڏيل علائقن ۾ ٻن سالن اندر 52 انساني زندگيون ڳڙڪائيندڙ جتوئي-مھر تڪرار بابت نئون انڪشاف سامھون آيو آھي، ان حوالي سان اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي جي ھائوس جي ترجمان علي حسن جتوئي پاران سوشل ميڊيا ذريعي ايم اين اي شھريار مھر جي ھائوس جي ترجمان محبوب علي مھر تي جتوئي-مھر تڪرار ڪرائي 52 ماڻھو قتل ڪرائڻ جو الزام لڳايو ويو، جتوئي ھائوس جي ترجمان اھيو به چيو ته مھر ھائوس جي ترجمان جي حڪم تي ذات جي بنيادن تي قبائلي جھيڙي جي آڙ وٺي ماڻھو قتل ڪيا پيا وڃن، جڏھن ته اھڙن الزامن بعد رابطو ڪرڻ تي جتوئي ھائوس جي ترجمان علي حسن جتوئي تصديق ڪندي چيو ته جھيڙيندڙ ڌرين کي مھر ھائوس جو ترجمان ھٿيار فراهم ڪري ٿو، ٻئي طرف مھر ھائوس جي ترجمان محبوب علي مھر اھڙي الزامن کي رد ڪندي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته جتوئي ھائوس جو ترجمان پاڻ ڏوھاري آھي، جڏھن ته جتوئي-مھر تڪرار جو ھفتي اندر صلح لاءِ تاريخ مقرر ٿيڻ جا امڪان وڌڻ ڪري ھن اھڙي مھم ھلائي وڌيڪ نفرت ڦهلائي ٿو، علي حسن جتوئي ٻنھي ذاتين جو دشمن ظاھر ٿيو آھي سندس الزامن تي وڌيڪ نه ڳالھائيندس. ڇاڪاڻ ته اسان پر امن ھجڻ ناتي ڪوشش ڪري رهيا آھيون ته ھفتي اندر جتوئي-مھر تڪرار جي تاريخ طئي ڪري ٻنھي ذاتين مان مستقل طور نفرت ختم ڪرايون.