مهر-جتوئي تڪرار جو جرڳو: خون بها 25 لک: اڳرائي تي 50 لک ڏنڊ پوندو: فتويٰ محفوظ

  مهر-جتوئي تڪرار جو جرڳو: خون بها 25 لک: اڳرائي تي 50 لک ڏنڊ پوندو: فتويٰ محفوظ

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سردارن جي چئن ڏينهن جي بيٺڪ قبيلائي تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪو نتيجو نه ڏئي سگهي، سکر ۽ شڪارپور ضلعن ۾ مهر- جتوئي خوني تڪرار جي فتويٰ ٽن ڏينهن لاءِ ملتوي، سردار علي گوهر خان مهر جو چوڻ آهي ته مھر- جتوئي تڪرار جي فيصلي جي فتويٰ ٽن ڏينھن ۾ ٻڌائي ويندي. ڌرين جا بيان قلمبند ڪري 99 سيڪڙو معاملا اڪلايا ويا آھن، ڪجھه معاملن تي غور ويچار ڪرڻو آھي، تنھن ڪري فيصلو ٽن کان چئن ڏينھن ۾ اچي ويندو، علي گوهر خان مهر مطابق پراڻي روايتن موجب 25 لک في خون برقرار رھندي، زخمن کي انھن جي زخمن مطابق عيوضو ادا ڪيو ويندو. هن چيو ته مھر- جتوئي تڪرار ۾ 55 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن،  حاجي ڪريم ڏنو بڊاڻي چيو ته فيصلو ٿي ويو آھي فتويٰ باقي رھيل آھي، اڳرائي ڪندڙ تي 50 لک ڏنڊ وڌو ويندو، فيصلي کان پوءِ جيڪا به ڌر ڪو ڏوھ يا قتل ڪندي ان جو فيصلو نه ٿيندو پر سرڪار ان  گرفتار ڪندي. سکر- شڪارپور سان تعلق رکندڙ مهر جتوئي تڪرار جو جرڳو سکر سرڪٽ هائوس ۾ سردار علي گوهر خان مهر جي سرپنچي هيٺ منقعد ٿيو. جنهن ۾ غوث بخش خان مهر، شهريار خان مهر، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، چيف سردار فتح محمد خان جتوئي، عابد خان جتوئي، امير علي خان جتوئي ۽ ٻنهي ڌرين جا ٻيا نيڪ مرد شرڪت ڪئي. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب مهر جتوئي خوني تڪرار ۾ 23 جتوئي، 30 مهر جهيڙيندڙ ڌرين جا قتل ٿي چڪا آهن. ڪڏهن ته ٽي بيگناهه واٽهڙو به خوني تڪرار جي ور چڙي ويا آهن. ورتل ڄاڻ موجب جتوئي مھر تڪرار جي پھريان شروعات 2024 ۾ ٿي آھي، جنھن ۾ پني عاقل جي ڪچي ۾ 8 مھر، ٻه واٽھڙو سميت 12 جتوئي قتل ٿي چڪا آھن، جڏھن ته شڪارپور واري سائيڊ ۾ قتل ٿيلن ۾ 11 جتوئي 22 مھر ھڪ واٽھڙو شامل آھن. جتوئي مھر ڌرين ۾ تڪرار جي شروعاتي ڏينھن ۾ به سکر سرڪٽ ھائوس ۾ نومبر 2024  ۾ جرڳو ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ھڪ واٽهڙو سميت 8 خون ثابت ڪيا ويا، جنھن ۾ ڀڄڪڙي به ٿي ھئي، پر اھو ساڳيو فيصلو بحال ڪري باقي 49 خونن جو جرڳو ڪيو ويندو، جيڪو پھريان واري ٿيل جرڳي ۾ ڀڃڪڙي سبب متاثر ڌرين تائين خونن جي رقم نه پھچي سگھي آھي، جيڪا رقم ڏياري ويندي.
 

گهوٽڪي ضلعي جي 7 برادرين ۾ تڪرار: هفتي اندر فتويٰ جو امڪان 

سکر: گهوٽڪي ضلعي اندر ستن برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو، سردارن جي مسلسل ٻن ڏينهن 18 ۽ 19 اپريل تائين ڪوششن جو نتيجو نه نڪري سگهيو، ڌرين ۾ اختلافن سبب تصديق لاءِ ڳالهيون  هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيون ويون، ستن ئي برادرين وچ ۾ ٻيهر ڳالهيون ۽ فتويٰ هڪ هفتي بعد گهوٽڪيءَ ۾ ٻڌائي ويندي. گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ ستن برادرين شر، سيلرا، ڌونڌو، ڀٽو، ڪوش، تڙت، سولنگي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو ٻن ڏينهن تائين سکر سرڪٽ هائوس ۾ سردار علي  گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ ٿيو. جنهن ۾ امير بخش خان ڀٽو، غوث بخش خان مهر، محمد ابراهيم جتوئي، شهريار خان شر، شهريار خان مهر، عارف خان مهر، احمد سيلرو، عابد خان جتوئي، حاڪم علي خان نوهاڻي، گل محمد جکراڻي، احمد حسين خان سيلرو، مولا بخش ڌنڌو، عالمگير خان ڪوش، چنگيز خان پهنور، هادي بخش جاگيراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي. سردار علي گوهر خان مهر جو چوڻ هو ته ڌرين جون ڳالهيون تفصيل سان ٻڌيون ويون، پڇاڻو به ڪيو ويو، ڪجهه معاملا اهڙا آهن جن جي وڌيڪ جاچ، تصديق ۽ ڇنڊڇاڻ ضروري آهي، سمورن معاملن کي غور سان ڏٺو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته هڪ هفتي اندر باقي رهيل معاملا اڪلائي حتمي فتويٰ جاري ڪئي ويندي، گهوٽڪيءَ سان تعلق رکندڙ ستن جهيڙيندڙ ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ۾ جاني ۽ مالي نقصانن متعلق جرڳي جي سرپيئنچ توڙي نيڪ مردن طرفان تصديق ٿيل انگ اکر ميڊيا کي نه ٻڌايا ويا. البته ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ جهيڙيندڙ ڌرين ۾ 106 کان وڌيڪ قتل ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿيل آهن.
 

سنڌ حڪومت جي ترجمان طرفان علي گوهر مهر سميت جرڳي جي امينن ۽ چڱن مڙسن کي اجرڪ جا تحفا پيش
 

سکر: سکر سرڪٽ هائوس ۾ جاري جرڳن دوران صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سکر سکر پهچي پوليس آفيسرن کان آگاهي ورتي هئي. سنڌ حڪومت جي ترجمان طرفان سردار علي گوهر خان مهر سميت جرڳي جي امينن، مختلف برادرين جي چڱن مڙسن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. ذريعن مطابق سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ هلندڙ خوني تڪرارن جو جرڳو سنڌ حڪومت جي هدايتن تي سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي ۾ رٿيو ويو. جنهن ۾ گهوٽڪيءَ ضلع اندر 40 ورهين کان ستن برادرن جي جهيڙيندڙ ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرارن جي فتوا ٻڌائڻ وارو معاملو طئي ٿي ويو هو. اِن ڏينهن صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سکر پهتو هيو، جِتي کيس خبر پئي ته ڌرين ۾ اختلاف موجود هجڻ ۽ فتوي جاري نه ٿيندي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ذريعن موجب سرڪٽ هائوس سکر پهچي سردار علي گوهر خان مهر، عابد خان جتوئي، حاڪم علي خان نوهاڻي، غوث بخش خان مهر، امير بخش خان ڀٽو، ڪريم ڏنو بڊاڻي ۽ ٻين کي خوني تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي اجرڪن جا تحفا ڏنا.