| “مهر-جتوئي تڪرار ختم ڪرايو” ابراهيم جتوئي وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو |
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ مھر-جتوئي ڌرين ۾ ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار جنھن ۾ 40 کان وڌيڪ انسانن جون جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، ان جي خاتمي لاءِ جي يو آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير داخلا ۽ آءِ جي سنڌ کي رسمي خط لکي ڌرين کي هڪ ميز تي آڻڻ جي اپيل ڪئي آهي، خط جي متن مطابق ٻنهي ڌرين جي معتبر چڱن مڙسن 30 نومبر 2025ع تي فيصلو (صلح) ڪرڻ لاءِ گڏيل تاريخ مقرر ڪئي هئي پر مھر ڌر اوچتو اها تاريخ ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن سبب تڪرار وڌيڪ پيچيده ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت طرفان فوري مداخلت نه ڪئي وئي ته وڌيڪ قيمتي جانيون وڃائڻ جو خدشو آهي، خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته حڪومت جلد نئين فيصلي جي تاريخ مقرر ڪرائي، جيئن تڪرار جو مستقل خاتمو اچي ۽ علائقي ۾ امن برقرار ٿي سگهي.