| مهر-جتوئي تڪرار نبيرڻ لاءِ رابطا مهم، نقصان جا تفصيل طلب |
رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) تڪرار ۾ نقصان گھڻو ٿيو آھي؟ شڪارپور ۽ پني عاقل جي گڏيل علائقن ۾ ٻن سالن کان ھلندڙ جتوئي-مھر تڪرار جي جرڳي لاءِ ذريعن مطابق ٻنھي ذاتين جي چڱن مڙسن پاران جھيڙيندڙ ڌرين توڙي تڪرار جي آڙ ۾ قتل ڪيل ماڻھن جي وارثن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آھن، جڏھن ته متاثر ڪٽنب کان ڪيترو نقصان ٿيو آھي ؟ تفصيل معلوم ڪيا پيا وڃن، ذريعن موجب ڪجھه ڏينھن اڳ پير پاگاري پاران گھوٽڪي ۾ پھچي گوھر پلس تي علي گوھر مھر سان ملاقات ڪري ساڻس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ کيس ھدايت ڪئي ته بيگناھ انساني جانيون ضايع ٿي رھيون آھن، جلد صلح ڪرايو وڃي، ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته جتوئي ۽ مھر ڌرين جي چڱن مڙسن پاران پنھنجي ماڻھن سان رابطا ڪري تڪرار ۾ ٿيل نقصانن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آھن.کين ھدايت ڪئي وئي آھي ته فائرنگ به نه ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت ڦهلائيندڙ مواد به اپلوڊ نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته تمام جلد جتوئي- مھر تڪرار جي خاتمي لاءِ تاريخ طئي ڪئي ويندي. جڏهن ته تڪرار جي نبيري لاءِ اڃا تائين تاريخ طئي نه ٿي سگهي آهي.