| مهر-جتوئي سميت 3 وڏن خوني تڪرارن جو نبيرو ڪرڻ تي اتفاق |
خانپورمهر/رستم (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٽن ضلعن گهوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور ۾ ڌرين وچ ۾ هلندڙ برادري تڪرارن جي حل لاءِ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جو علي گوهر مهر سان رابطو، ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آڊيو بيان ۾ علي گوهر خان مهر رابطن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 13 کان 17 اپريل جي وچ ۾ ٽن وڏن تڪرارن جي نبيري جي تاريخ رکي ڇڏي، 13 اپريل کان 17 اپريل جي وچ ۾ مهر _جتوئي، ڪلهوڙا_مهر ۽ شر ڌوندو، ڀٽا ۽ سيلرا تڪرارن جو نبيرو ٿي ويندو، علي گوهر مهر چيو ته اسين نبيري جي لاءِ راضي آهيون، باقي اختيارين کي چيو آهي ته باقي برادري جي سردارن ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، عابد جتوئي، شھريار شر، معظم عباسي،احمد خان سيلرو سان هو رابطو ڪري وٺن،اسان جي ڪوشش آهي ته تڪرار جلد ختم ٿين، سنڌ حڪومت جي مدد سان جلد فيصلا ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويندو. ٻي طرف ذريعن موجب ڪجھه ڏينھن اڳ سنڌ گورنمينٽ پاران شھريار مھر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير عابد حسين جتوئي سان رابطو ڪري کين جتوئي-مھر تڪرار جي جرڳو نبيرو ڪرائڻ لاءِ چيو ويو ھو ته ھنن ايم اين اي علي گوھر مھر کي اختيار ڏنا ھئا، جنھن بعد ضياءَ الحسن لنجار پاران علي گوھر سان رابطو ڪيو ويو، ايم اين اي علي گوھر مھر ضياءُ الحسن لنجار کي 13 يا 14 اپريل واري ڏينھن جتوئي-مھر تڪرار جي جرڳي واري تاريخ طئي ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ھوڏانھن جتوئي ۽ مھر ھائوس جي ترجمانن پاران اھيا تصديق ڪئي وئي ته جھيڙيندڙ ڌرين جي چڱن مڙسن پاران جرڳو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي، باقي جتوئي -مھر تڪرار جي جرڳي واري تاريخ جو باضابطا طور اعلان سنڌ گورنمينٽ ڪندي، جيڪو ھن وقت تائين نه ڪيو ويو آھي، امڪان آھي ته ھڪ ٻن ڏينھن اندر اعلان ڪيو ويندو. ياد رھي ته جتوئي- مھر تڪرار ۾ ٻن سالن اندر 56 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن.