مهر-جتوئي نبيري جي تاريخ ملتوي ٿيندي ڇڪتاڻ، فائرنگ

مهر-جتوئي نبيري جي تاريخ ملتوي ٿيندي ڇڪتاڻ، فائرنگ

رستم(ن پ ا) جتوئي- مھر تڪرار جي نبيري واري تاريخ ڪينسل ٿيڻ بعد وري ڌريون وڙھي پيون، رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعو مھر ۽ ڳوٺ ٿانھريو مھر ڀرسان مھر-جتوئي ڌرين ۾ الڳ الڳ ويڙھ ٿي، ٻنھي ڌرين پاران زرعي زمينن ۾ ڪم ڪندڙ ٽريڪٽرن تي فائرنگ ڪري علائقي ۾ خوف پيدا ڪيو ويو، ان حوالي سان ٻنهي ڌرين جي ماڻهن قالو جتوئي، ثناءُالله مھر، صدام مھر پاران هڪٻئي تي راڪيٽ لانچرن جا حملا ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن، مهر ڌر موجب ڳوٺ جمعو مھر ڀرسان غلام اڪبر مھر جي زرعي زمين ۾ ٽريڪٽر ھر ھلائي رھيو ھو ته حملو ڪيو ويو، ٻئي طرف رستم ٿاڻي جي ايس ايچ او رفيق معرفاڻي چيو ته جھيڙي دوران ڌرين جو جاني نقصان نه ٿيو آھي، جتوئي- مھر تڪرار جي تاريخ ڪينسل ٿيڻ بعد ڌرين وچ ۾ فائرنگ ٿي  پر  پوليس ڪوشش ڪري ٿي ته ڌرين مان ڇڪتاڻ ختم ڪرائي وڃي.