گهوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر پيپلزپارٽي پاران ضعلي چيئرمين لاء نامزد ڪيل اميدوار مير بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين مير بابر لنڊ جي حمايت جو اعلان ڪندي سامهون ڪوبه اميدوار نه بيهارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
جي ڊي اي ايم پي اي مهر گروپ جي سربراهه سردار علي گوهر خان مهر جو چوڻ آهي ته بنگل خان منهنجو سئوٽ آهي بنگل خان مهر ۽ پٽ حاجي خان مهر ۾ ڪوبه فرق ناهي وڏو هجڻ جي ناتي سئوٽ کي عزت ڏيان ٿو ته اها منهنجي عزت آهي ائين سمهجو ته ضلعي چيئرميني اسان وٽ آهي
سندس چوڻ هو ته معاضي ۾ پي پي ايم اين اي سئوٽ محمد بخش مهر ۽ بنگل خان مهر سان ڪي به اختلاف يا غلطيون ٿيون آهن انهن کي ويساري اڳتي وڌڻ ٿو چاهيان اسان پنهنجي خاندان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ منهنجي فرائض ۾ شامل آهي
سردار علي گوهر خان مهر چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ذرداري ۽ آصف علي زرداري جو شڪريو ادا ڪريون ٿا ته انهن بنگل خان مهر کي ضلعي چيئرميني جي ٽڪٽ ڏني آهي
هن وڌيڪ چيو ته سياسيت ۾ وڙهي وڙهي سڀني گروپن جي خبر پئجي وئي آهي جيڪو ٺھڻ ۾ مزو آهي اهو وڙھڻ ۾ ناهي