| مهلت ختم: پوليس پريا ڪماري سميت ٻار بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام: ٻيهر ڌرڻي جو اعلان |
ٻٻرلوءِ (رپورٽ: عمران مستوئي) پريا ايڪشن ڪميٽي طرفان ٻارڙن جي بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪندي 22 جولاءِ تي شام 5 وڳي ٻٻرلوءِ باءِ پاس سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا هڻڻ ۽ اهم شاهراهون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي قائم احتجاجي ڪيمپ تي ٿيل پريس ڪانفرنس دوران پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته پوليس ۽ انتظاميه طرفان بار بار خاطريون ڪرائڻ باوجود گم ۽ اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو، جنهن سبب هاڻي احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اربع ڏينهن 22 جولاءِ تي شام 5 وڳي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي قومي شاهراهه ٻيهر بند ڪئي ويندي، جڏهن ته پنجاب سان لڳندڙ سنڌ جا سمورا بارڊر پڻ بند ڪيا ويندا. اڳواڻن موجب احتجاج جي حمايت ۾ ڪراچي جي ٽي تلوار، حيدرآباد جي واڌو واهه، ڪمو شهيد، ڊيرا موڙ ۽ سنڌ جي ٻين مختلف هنڌن تي پڻ ڌرڻا هنيا ويندا، اڳواڻن الزام هنيو ته پوليس احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ کين يقين ڏياريو هو ته ٽن ڏينهن اندر گم ۽ اغوا ٿيل ٻارڙن کي بازياب ڪيو ويندو، پر مقرر مدي دوران ڪنهن به ٻار جي بازيابي لاءِ خاطرخواهه اڳڀرائي نه ٿي. هنن چيو ته واعدا پورا ڪرڻ بدران احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته سکر مان اغوا ٿيل خشي مهر جي وارثن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو. پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ لياقت جلباڻي چيو ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميه واضح واعدو ڪيو هو ته مختلف ضلعن جا ايس ايس پيز روزانو احتجاجي ڪيمپ تي اچي گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي بابت بريفنگ ڏيندا، پر ڪنهن به آفيسر پنهنجي واعدي تي عمل نه ڪيو.