مهلت بعد ملڪيتون رکندڙ افغانين خلاف ڪارروائي ٿيندي: حارث نواز

آڪٽوبر 9, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين کي برداشت نه ڪنداسين

 صوبائي نگران وزير ڊي آءِ جي ويسٽ جي آفيس جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 17 سئو کان 18 سئو افغاني گرفتار ڪيا ويا آهن

سندس چوڻ هو ته ڪاروبار ۽ ملڪيتون رکندڙ افغانين خلاف مهلت ختم ٿيڻ بعد ڪارروائي ڪنداسين، غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائين لاءِ ون ونڊو آپريشن ڏانهن وڃون پيا

هن چيو ته قانوني طور ترسيل افغانين کي ڪجهه به نه چونداسين، ڪراچي ۾ هن وقت ڪرپشن وارو ڪو به سسٽم ڪم نه پيو ڪري، زمينن تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي

Leave A Comment