مهلت ختم: ڪيلاش جا قاتل پڪڙيو، بدين ۾ هزارين ماڻهو نڪري پيا، 10 ڪلاڪ ڌرڻو، ڳالهيون ناڪام

مهلت ختم: ڪيلاش جا قاتل پڪڙيو، بدين ۾ هزارين ماڻهو نڪري پيا، 10 ڪلاڪ ڌرڻو، ڳالهيون ناڪام

بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ضلع جي شھر پيرو لاشاري ڀرسان ڳوٺ ڏاهو ڪولهي ۾ چار ڏينھن اڳ قتل ٿي ويل نوجوان ڪيلاش ڪولهي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پاڪستان ڪولهي اتحاد پاران حيدرآباد بدين ۽ ڪراچي ٿرپارڪر ٿرڪول روڊ پير چوڪ تي ھزارين ماڻھن جو ڌرڻو ھڻي مڪمل بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب روڊ جي چئني پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون 10 ڪلاڪن کان مٿي لڳل ڌرڻي سبب ڪيترائي مسافر گاڏين ۾ ڦاٿل رھيا  متاثرين پاران قاتل جي گرفتاري لاء  سخت نعري بازي ڪئي، ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي ڌرڻي واري ھنڌ متاثرين وٽ ڳالھين لاءِ  پھتو ته سخت نعري بازي ڪئي وئي جنھن بعد ايس ايس پي بدين ۽ ڌرڻا ڪاميٽي جون تاج پيٽرول پمپ تي ڳالھيون ٿيون پر ناڪام ٿي ويون ، قتل ٿي ويل نوجوان ڪيلاش جو پئ چيتن ڪولھي، ماء مسمات ميران ڪولهڻ،زال لکي ٻائي ۽ پنج معصوم ٻارڙا سوين عورتون ۾ ھزارين ماڻھون ڌرڻي ھڻي ويٺل آھن، ڪولهي اتحاد جي اڳواڻن سوڍي ڪولھي،ايڊوڪيٽ رام ڪولھي، ڪولھي اتحاد سنڌ جي صدر پهلاج ڪولهي،لالچند ڪولهي ڊاڪٽر رام چند ڪولهي راء چند ڪولهي ۽ قومپرست اڳواڻن، نواز شاھ ڀاڏائي،ايس يو پي اڳواڻ،امير آزاد پنھنور،سنڌياڻي تحريڪ جي شازيا احمداڻي،نالي واري وڪيلن  اشرف سمون، طارق آفتاب ملاح،سجاد لاشاري، نالي واري شخصيت منظور شيخ، ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جي ڊي اي جي محمد حسين شاھاڻي سميت مختلف برادرين جي وڏي تعداد ۾ ماڻھن ۽ ڪولهي برادري جي مردن ۽ عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ڌرڻي ۾ مظاھرين پاران ايس ايس پي بدين ۽تلهار پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بيگناھ قتل ڪيل ڪيلاش ڪولهي جو قاتل سرفراز نظاماڻي ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو وڃي، ھنن چيو ته ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي چارڏينھن پھرين قاتل گرفتار ڪرڻ جي  يقين ڌهاني ڪرائڻ باوجود قاتل گرفتار نٿو ڪري ھنن چيو ته  جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندو ۽ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين واڌايو ويندو،
 

پاري ۾ ماڻهن جو ڌرڻو: کاڌ خوراڪ جو اعلان

بدين: صبح کان وٺي لڳل ڌرڻي کي ڏھ ڪلاڪ ٿي ويا مردن سان گڏ سوين عورتون ۽ ٻارڙا سخت سئ ۾ ڌرڻي ۾ ويٺل آھن، بدين جي سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ پاران سخت سردي ھئڻ سبب ڌرڻي واري ھنڌ وڏو ٽينٽ لڳرايو پيو وڃي ۽ ھزارين ڌرڻي متاثرين لاء کاڌ خوراڪ جو اعلان ڪيو ويو،
 

ايس ايس پي سان ڳالهين جو پهريون دور ناڪام، ڌرڻو جاري رهندو: آل پاڪستان ڪولهي اتحاد
 

بدين: قتل ٿيل نوجوان ڪيلاش ڪولھي جي وارثن جون ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي سان ڳالھين ۾ ڌرڻي ۾ ويٺل متاثرين پاران پاڪستان ڪولھي  اتحاد جي اڳواڻن تي ٻڌل ڪاميٽي ۾ پھلاج ڪولھي،لالچند ڪولھي،رامچند ڪولھي،رائچند ڪولھي،ڊاڪٽر عزيز ميمڻ  ۽ ٻيا شامل ھئا، ال پاڪستان ڪولھي اتحاد جي اڳواڻ پھلاج ڪولھي ڳالھين جي ناڪامي بعد ڌرڻي جي متاثرين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جون ايس ايس پي سان ڳالھين جو پھريون دور ناڪام ٿي ويو آھي جوابدار جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رھندو،