مهمند ۾ پوليو ٽيم جي محفاظن تي فائرنگ، 2 اهلڪار شهيد

مهمند ۾ پوليو ٽيم جي محفاظن تي فائرنگ، 2 اهلڪار شهيد

مهمند (م ڊ) خيبر پختونخوا جي ضلعي مهمند جي علائقي ڊاگ تمانزئي ۾ پوليو مهم جي ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪارن تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب، زخمي اهلڪار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇاپا هنيا پيا وڃن.