مهندوڪا سيارا, محبتون ۽  ماحولياتي گدلاڻ

                 سر نسري چڪا آھن. سيارو اچي رهيو آھي، سيارو اها موسم آهي، جنهن ۾ گرمي جو پارو  گهڻو گهٽجي وڃي ٿو، جذبا جوان ٿي وڃن ٿا. اسان وٽ سيارو ناهري, پوه, ماگھه ۽ ڦڳڻ جي مهينن تائين ھوندو آھي. آئون يادن جي ڪميت کي اڙي هڻي، ٻاراڻي وهيءَ ڏانهن موٽان ٿو ۽ انهن منظرن کي پيش ڪريان ٿو، جيڪي اڃان چارڻ جي چنگ جيان ذھن ۾ چري رهيا آھن.

                 سياري جي رت ايندي هئي ته ننڍڙا ٻار خوشيون ڪندا هئا،  ڇاڪاڻ تہ سياري جي رت دوران وڏڙا گهرن جي ٿلهن تي سارين جي ول لڻي اچي رکندا هئا. پوءِ ڪڏھن ڍڳن تي ول ڳاهبي هئي ته ڪڏھن وري ان کي اسان ٻار ڪٽيندا هئاسين ۽ ان دوران ول تي پيا ليٽندا هئاسين، جڏھن ته گهر جا وڏڙا مچ ٻاري ويٺا هوندا هئا. سياري جي شروعات ڏياري سان ٿيندي هئي. ڏياري هندن جو ڏڻ آھي، جيڪو هندو ڌرم جي حساب سان اونداهي کان روشني جو سفر ھوندو آھي. هي ڏھاڙو اماوس جي رات يا نئين چنڊ جي رات ملهايو ويندو آھي. شاه لطيف جي سر سامونڊي ۾ ڏياري جو ذڪر ملي ٿو:

ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙھ سنڀاهيا,

وجهو ور ونجهه کي روئي وڻجاري,

ماريندو ماري, پره سور پرين جا.

سياري ۾ ھندو جاتي جا ماڻھو ٻيا به ڏڻ ملهائيندا هئا، جيئن هولي، شوراتڙي, تلسي پوڄا، مڪر سنڪرانتي وغيره. هولي هندو جاتي جو رنگارنگي ڏڻ آھي، جيڪو  ڦڳڻ مهيني ۾ ملهايو ويندو آھي. شوراتڙي ماگھ جي مهيني ۾ ملهائيندا هئا. هو ان کي ڳائي وڄائي ملهائيندا هئا ته جيئن وڻ جام ميوا ۽ ڦل ڏين. تلسي پوڄا بہ ڦڳڻ جي مهيني ۾ ادا ڪئي ويندي هئي. ان ڏينهن تي تلسي جي وڻ کي پاڻي ڏنو ويندو هو. عورتون ان جي پاڙ ۾ کير هارينديون هيون، ان جي چئوطرف ڦيرا پائينديون هيون, ۽ ان وڻ جي ٽارين ۾ رنگين ڌاڳا ٻڌنديون هيون. مڪر سنڪرانتي جي موقعي تي مائٽ سندن نياڻين کي مٺائي موڪليندا هئا. اهو ڏڻ پندرهين جنوري تي ملهايو ويندو هو.

اسان ننڍپڻ ۾ جيڪي سيارا ڏٺا ته ان دوران اسان جي ڳوٺ ۾ سواءِ ڪولهين ۽ ڪوڪڙين جي چند گهرن کانسواءِ باقي ٻي هندو برادري ڪانہ هئي. وڏڙا چوندا هئا ته ورهاڱي کان پوء اڪثر واڻيا لڏي هليا ويا. بابا چوندو هو تہ ورهاڱي کان اڳي واڻيا ٻھراڙين ۾ دڪان کولي وڻج واپار ڪندا هئا. بابا ٻڌائيندو هو تہ اسان جي ڪچي اوطاق لڳ موٽو واڻئي جو ريزڪي دڪان هوندو هو، جتان اسين سامان سڙو وٺندا هئاسين. اسان تہ هندن جا اهي ڏڻ ڪونه ڏٺا هئا, پر وڏڙا هندن جي ڏڻن جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا,

وقت زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيو آهي،

ڪوٺي جي دريء مان خوشيون ڏسون ٿا.

ٻھراڙين جا ماڻھو سياري اچڻ کان اڳ ڪاٺيون وڍيندا هئا. جهنگ به گهڻو هوندو هو. جڏھن ڪاٺيون سڪي وينديون هيون ته اهي کڻي گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گڏ ڪندا هئا. پوء اهي ڪاٺيون ٻارڻ لاء پيا استعمال ڪندا هئا.

سياري جي موسم ۾ جتي پرديسي پکين جي آمد ٿئي ٿي, اتي محبتن جو رقص به هن رت جي تنهائين ۾ سپجي ٿو. سيارو شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن کي نئون اتساه ڏئي ٿو، جنهن ڪري هن ئي رت ۾ وڌ کان وڌ ادب سرجي ٿو. سياري ۾ جتي ڪانهن نسري رت جي آجيان ڪن ٿا، اتي ڪنول جا ٽڙيل گل وڌيڪ رسيلا ٿين ٿا. اتر جي آمد جا سنيها لاکيڻي لطيف جي شاعري ۾ اسان کي گهڻو آڳاٽا ملن ٿا:

سر نسريا پاند, اتر لڳا آ% پرين,

مون تو ڪارڻ ڪانڌ, سهسين سکائون ڪيون.

هيءَ موسم نہ رڳو رومانوي شاعري جي موسم ھوندي آھي پر هيءَ موسم روشنين جي موسم به ليکجي ٿي. اڳاٽي وقت ۾ جڏھن ٻھراڙين ۾  بجلي ۽ سولر نہ  آيو هو تہ ان وقت گهرن توڙي عبادتگاهن ۾ ڏيئا ٻاري روشني ڪئي ويندي هئي. اها روشني باک تائين پئي جرڪندي هئي، ڇاڪاڻ ت وڏڙا چوندا هئا ته پارو روشني واري هنڌ تي نٿو پوي، خاص ڪري اهڙا غريب ماڻھو جن وٽ گهٽ اوڇڻ ھوندو هو، اهي سخت سردين ۾ مڇ ۽ ڏياٽيون ٻاريندا هئا. پوڙھيون عورتون ننڍڙن ٻارڙن لاء کير ۾ کجور ڪاڙھي ان جي رسڻي ٻارڙن کي پيارينديون هيون ته جيئن کين سردي نہ لڳي. جيڪڏھن ڪنهن کي سردي ٿي ويئي تہ ان کي ڄارين جا پن گرم ڪري پاسن تي ٻڌنديون هيون ۽ ٻيون گرم شيون هٽن تان گهرائي کين کاراينديون هيون. هنڌ جي کوٽ ڪري ڪچن گهرن ۾ پلال وڇائي ان مٿان بسترا لڳائي سمهڻو پوندو هو,تہ جيئن سيء کان بچي سگهجي.

سخت سيء هوندي بہ عورتون اڌ رات جو اٿي جنڊ پيهنديون هيون ۽ تهجدگذار ٿڌي پاڻي سان وضو ڪري پنهنجي پالڻھار سان قبلي روء ٿيندا هئا. ان وقت دنيا ۾ نہ ايتريون گاڏيون ۽ ڪارخانا هئا، نه ئي وري انهن مان زهريلي گئس خارج ٿيندي هئي. وڻ ۽ ٻيلا به جام هئا، جنهن ڪري ڌرتي جو مٿيون تھہ ٿڌو لڳو پيو هو. هن وقت اسان جي ملڪ سميت ساري دنيا ۾ زهريليون گئسون خارج ٿي رهيون آھن، جنهن ڪري ساري دنيا باهہ جو گولو بڻي پيئي آھي.ڪجھ وقت اڳ موسمي ماهرن اها اڳڪٿي ڪئي آھي ته 2060ع ڌاري ڪراچي شھر پاڻي هيٺ اچي ويندو ۽ گرمي پد گهڻو وڌي ويندو. گليشيئر ڳري ويندا ۽ دنيا ۾ تباهي اچي ويندي. موسمي ماهرن ان تباهي جو ڪارڻ زهريلي گئسن جو ڦهلاء ۽ وڻن جو نہ هجڻ  ٻڌايو آھي. جيتوڻيڪ زهريلي گئسن جي ڦھلاء سان جتي انسانن ۽ جانورن جي زندگين تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آھن، اتي آبي جيوت بہ تباه ٿي رهي آھي. اسان وٽ وڻن جي ڪٽائي سبب جتي نه فقط ڌرتي جي سونهن متاثر ٿي آھي،

اتي موسمن تي بہ خراب اثر پئجي رهيا آھن. موسمي ماهر ٻڌائين ٿا تہ سياري گهٽجڻ سان گرمي پد وڌڻ سان تباهين جا چٽا امڪان آھن، جنهن سان  انسانن توڙي ٻين جاندارن لاءِ مشڪلاتون وڌي وينديون. جيتوڻيڪ سياري ۾ ٿڌ گهٽجڻ ۽ گرمي پد وڌڻ عام ماڻھو محسوس ڪري رهيو آھي، پر ماحولياتي گدلاڻ گهٽائڻ ۽ وڻ لڳائڻ ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان ڪونه ٿو وڃي، جنهن سان اڳيان هلي اهو امڪان آھي ته اسان  دوزخ جهڙي جهان ۾ وڃي سگهون ٿا.

اڳوڻن سيارن کي ساري آئون جڏھن پٺ تي موٽان ٿو ته ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ وڻ جي اوچي چوٽي تان هيٺ ڪريو هجان.