مهيني دوران 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني پرڏيهه هليا ويا

سيپٽمبر 21, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) هڪ  مهيني دوران 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني پرڏيهه هليا ويا آهن، ان ڏس ۾ پاڪستان اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽرز رپورٽ جاري ڪئي آهي

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ مهيني دوران 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستان نوڪرين لاءِ ٻاهرئين ملڪ هليا ويا، جڏهن ته 8 مهينن دوران 5 لک 40 هزار پاڪستان ٻاهرئين ملڪ وڃي چڪا آهن

 پاڪستان اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽرز جو چوڻ آهي ته سال 2022 ۾ 8 لک 30 هزار پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ نوڪري لاءِ ويا هئا، جڏهن ته سال 2015 ۾ اهو انگ 9 لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ هو

 رپورٽ موجب 2015 کانپوءِ 2022 ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ وڃي چڪا آهن

Leave A Comment