موالي اسڪول جي عمارت ٽوڙي لوهه کڻي ويا، ٽي اي او ٺري ميرواهه لاعلم

جُولاءِ 3, 2023

ٺري ميرواھه (رپورٽ:  عابد حسين شر) ٺري ميرواهه ۾ موالي اسڪولي عمارت ٽوڙي لوهه کڻي ويا، تعلقي  ايجوڪيشن آفيسر لاعلم باقي اسڪول 7 ورهين کان بند هجڻ جي تصديق ڪئي آهي

ٺري ميرواھه وارڊ نمبر پنج جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جانوري محلا جي عمارت کي  منشيات فروش ۽ موالي ٻن ڏينهن کان لڳاتار هٿوڙن ذريعي ٽوڙي لوهه کڻي ويا، فرنيچر، در دريون به پٽي ويا آهن

 پنهنجي اخبار پاران رابطي تي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر لقمان علي جوڳي چيو ته مونکي ان معاملي جي هيئنر اوهان ڄاڻ ڏئي رهيا آھيو، اسڪول ستن سالن کان بند پيل آھي پر سرڪاري عمارت کي ٽوڙڻ  سامان چوري ڪرڻ جي ڪنهن به اجازت ناهي

تعلقي ايجوڪيشن آفيسر چيو ته مان هينئر ئي  پوليس ساڻ ڪري ڄاڻايل اسڪول وڃان ٿو، ٻئي طرف ميرواھه پوليس اسڪول پهتي ڪو به جوابدار موجود نه هيو، ميرواھه پوليس موجب جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو

Leave A Comment