موبائل فون به ڪرائي تي هلڻ لڳا، پشاور ۾ ٻارن کي ڪرائي تي موبائل فون ڏيندڙ 7 دڪاندار گرفتار

مَي 20, 2023

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) موبائل فون ڪرائي تي ڏيڻ جو ڪاروبار هلڻ لڳو آهي پر اهڙو عمل دڪاندارن کي مهانگو پئجي ويو پشاور ۾ سمارٽ فون ڪرائي تي ڏيندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي

پشاور پوليس موجب پشاور ۾ ٻارن کي 60 رپيا في ڪلاڪ جي حساب سان سمارٽ فون ڏيندڙ 7 دڪاندارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي فقير آباد ۾ رينٽ اي سمارٽ فون جا 2 دڪان سيل ڪيا ويا آهن ۽ 47 موبائل فون برآمد ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدار ٻارن کي پب جي گيم کيڏڻ ۽ ٻين برائين جي ترغيب ڏيندا هئا

Leave A Comment